اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ تيل اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 16 جنوري کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ ٿي سگهي.
ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 59 پيسا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 70 پيسا في ليٽر لاٿ ٿي سگهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ هڪ رپيو 82 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل 2 رپيا 8 پيسا في ليٽر سستو ٿي سگهي ٿو.
ذريعن موجب اوگرا ورڪنگ 15 جنوري تي پيٽروليم ڊويزن کي موڪليندي، حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ ڪندي.
واضح رهي ته حڪومت پهرين جنوري تي به تيل اگهن ۾ لاٿ ڪئي هئي.
You might also like