اڪثر ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته هو گهر اچڻ کانپوءِ بستري تي وڃڻ کان اڳ سمارٽ فون سيرانديءَ کان چارچنگ تي لڳائي ڇڏيندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو ته فون کي چارچنگ تي هڻي سمهڻ پسند ڪندا آهن،
سڄي رات فون کي چارج ڪرڻ نقصانڪار آهي يا نه؟ اِهو هڪ ڊگهو بحث آهي، پر اهو واضح آهي ته ڊگهي مدي تائين ائين ڪرڻ وارو عمل بيٽري لائف کي ضرور نقصان پهچائي ٿو.
ڪجهه ماڻهو فون تي وڊيو ڏسندي ڏسندي ننڊ پئجي ويندا آهن، پر ماهرن موجب سمهڻ واري ڪمري ۾ فون چارج ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
سمارٽ فون ۾ گرمي پد کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ گهڻي ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي آهي، پر فون کي وِهاڻي هيٺان رکڻ سان گرمي خارج ناهي ٿيندي.
جيڪڏهن توهان کي فون چارچنگ تي لڳائي ننڊ اچي وڃي ته گرمي خارج ٿيڻ وارو عمل وڌي وڃي ٿو جنهن سبب فون ذريعي باهه لڳڻ جو خطرو پڻ وڌي ويندو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو ماهرن فون کي اهڙي جاءِ تي چارج ڪرڻ جي صلاح ڏين ٿا جتي گرمي جو نيڪال صحيح نموني ٿي سگهي، جيئن اسپاٽ ڪائونٽر يا ميز، جتي ٿڌي هوا مسلسل ڊوائس تائين پهچي سگهي.
ماهرن موجب، سمهڻ واري ڪمري ۾ فون ويجهو رکڻ سان ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
باهه لڳڻ جي خطري کانسواءِ به فون سبب ننڊ جو معيار پڻ متاثر ٿي سگهي ٿو.
اهو ئي ڪارڻ آهي جو فون ۾ موجود ايپس، گيمز ۽ دوستن جا پيغام دماغ جو ڌيان هٽائي ڇڏين ٿا ۽ دماغ اهو طئي نٿو ڪري سگهي ٿو ته توهان ننڊ ڪرڻ چاهيو ٿا يا نه، جنهن سبب ننڊ جو مجموعي معيار گهٽجي ويندو آهي.
جڏهن فون توهان جي سيرانديءَ کان پيل هوندي ته سمهڻ کان اڳ ان جي استعمال کان پاسو ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.
هڪ تحقيق موجب، سمهڻ کان ٿوري دير اڳ سمارٽ فون مان خارج ٿيندڙ نيري روشني جي زد ۾ رهڻ سبب ننڊ متاثر ٿيندي آهي.
انڪري ماهرن جي صلاح آهي ته سمهڻ کان ٿوري دير اڳ اسڪرينز جو استعمال قطعي نه ڪرڻ گهرجي.
Next Post
You might also like