ڀارت کي وڏو جهٽڪو، خلا ۾ سيٽلائيٽ موڪلڻ جو وڏو مشن ناڪام

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جو خلا ۾ سيٽلائيٽ موڪلڻ جو مشن ناڪام ٿي ويو.
ڀارتي خلائي ايجنسي جي سربراهه موجب PSLV-C62 مشن جي ٽئين مرحلي ۾ خلا ۾ موڪليل راڪيٽ کي رستي ۾ ڏکيائيون پيش آيون.
ڀارتي ميڊيا موجب ورڪ هارس اسپيس فيرنگ راڪيٽ PSLV هر هر ناڪامين کي منهن ڏئي رهيو آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته 18 مئي 2025 تي PSLV-C61 ۽ 12 جنوري 2026 تي PSLV-C62 جي لانچنگ ناڪام ٿي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي موقعن تي ڀارتي خلائي ايجنسي جي قومي سلامتي جي مقصد لاءِ تيار ڪيل لکين ڊالرن جا سيٽلائيٽ تباهه ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.