ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊجيٽل دور ۾ موبائيل فون جيتري اهميت رکي ٿو، واهپيدارن کي اوتري پريشاني به ٿيندي آهي ۽ اها پريشاني چارجنگ جي هوندي آهي.
موبائيل فون چارج نه ٿيڻ جا ڪجهه سبب اهڙا آهن جيڪي شايد اوهان کي به حيران ڪري ڇڏيندا.
اڪثر چارجنگ ڪندي وقت موبائيل فون جو چارجر ٺپ ٿي ويندو آهي جنهن سبب چارجنگ متاثر ٿيندي آهي، گهڻو ڪري جڏهن چارجر چٻو هجي ته ان جي خراب ٿيڻ يا چارجر کي نقصان پهچڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.
اهو ئي سبب آهي جو چارجنگ ڪندي وقت موبائيل کي اهڙي جاءِ تي رکجي جتي چارجر متاثر نه ٿئي.
هڪ ٻيو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته چارجر ته ٺيڪ آهي پر چارجنگ پورٽ ۾ ڪچرو موجود آهي جڏهن چارجنگ پورٽ ۾ ڪچرو هوندو آهي ته موبائيل پورٽ چارجنگ ناهي ڪري سگهندي.
پورٽ ۾ موجود ڪچرو صاف ڪرڻ لاءِ چهنبر پن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ان کي احتياط سان استعمال ڪجي ڇو ته ٿورڙي لاپرواهي به ان کي نقصان پهچائي سگهي ٿي.
چارجنگ ۾ خلل جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته آوريجنل چارجر بدران ٻيا چارجر استعمال ڪيا ويندا آهن جيڪي چارجنگ متاثر ڪري سگهن ٿا.
اهڙي ريت اڪثر واهپيدار چارجنگ نه ٿيڻ تي چارجر پورٽ سان به هٿ چراند ڪندا آهن جنهن سبب چارجر يا پورٽ جي خراب ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن.