بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ آمريڪا جي فوجي ڪارروائي جي ڌمڪي تي چين جو اهم بيان سامهون اچي ويو.
چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان عالمي لاڳاپن ۾ طاقت جي استعمال جي مخالفت ڪيون ٿا ۽ سڀني ملڪن جي خود مختياري، سلامتي ۽ علائقائي استحڪام جي احترام کي اڻٽر سمجهون ٿا.
هن چيو چين کي اميد آهي ته ايران جي حڪومت ۽ عوام هن ڏکئي وقت مان نڪري ايندا ۽ ملڪ ۾ استحڪام ۽ نظم ضبط برقرار رهندو.
چيني ترجمان زور ڏنو ته ڪنهن به تڪرار جو حل فوجي طاقت ذريعي نه پر ٻه طرفين ڳالهين ۽ سياسي عمل ذريعي ڪڍڻ گهرجي.
You might also like