اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) آمريڪا، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پاڪستان ڪيترو وقت توازن برقرار رکي سگهي ٿو؟ پاڪستان پاڻ کي هڪ پيچيده پوزيشن ۾ محسوس ڪري رهيو آهي. تجزئي نگار امتياز گل مطابق، ترڪي طرفان اها خواهش ظاهر ڪئي وئي آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي دفاعي معاهدي ۾ هو به شامل ٿئي، جيئن اهو ٻطرفي معاهدو ٽن ڌرين جو بڻجي وڃي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جو موجوده دفاعي معاهدو اصل ۾ ڇا آهي، انهيءَ جي تفصيل اڃا واضح ناهي، پر عام اصول اهو آهي ته معاهدي ۾ شامل ڪنهن به ڌر تي حملو ٻين ڌرين تي حملو سمجهيو ويندو، جيئن نيٽو ۾ ٿيندو آهي. انهيءَ لحاظ سان، جيڪڏهن معاهدو اهڙي نوعيت جو آهي، ته پاڪستان پابند رهندو. هاڻي ايران پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهي، جڏهن ته گڏيل عرب امارات اسرائيل سان ابراهيمي معاهدي کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيئن گلف آف ايڊن جا بحري رستا محفوظ ٿي سگهن. انهيءَ سبب سعودي عرب کي ڳڻتي ٿي. ليبيا ۾ خليفا حفتار جي اولهه تيل وارن علائقن کي يو اي اي ۽ اڻ سڌي ريت اسرائيل جي حمايت حاصل آهي، جنهن سان سعودي عرب جي اثر و رسوخ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪستان انهيءَ ٻڏتر ۾ ڦاسي ويو آهي ڇو ته هڪ طرف سعودي عرب آهي ۽ ٻئي طرف يو اي اي، ۽ ٻنهي ملڪن ۾ وڏي انگ ۾ پاڪستاني ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪستان وٽ محدود آپشنز موجود آهن. جيڪڏهن گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ توازن برقرار نه رکيو ويو، ته پاڪستان لاءِ مالي ۽ سياسي خطرات پيدا ٿي سگهن ٿا. سعودي عرب يا يو اي اي جي بادشاهن جيڪڏهن پنهنجو پاڻ مرادو فيصلو ڪيو، ته پاڪستان ڦاسي ويندو. يو اي اي اڳ ۾ ئي پاڪستانين لاءِ ويزا محدود ڪري چڪو آهي، ۽ جيڪڏهن اهي ناراض ٿيا ته وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪري سگهجن ٿيون. پاڪستان جا قرض ۽ بيلنس آف پيمنٽ سپورٽ به انهن ملڪن تي ڀاڙي ٿي، انهيءَ ڪري انهن سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جو مطلب معاشي بحران ۾ شدت ٿيندي. دفاعي شعبي ۾، JF-17 جهاز هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پاڪستان ۽ چين جي گڏيل تياري جي مدد سان نه رڳو دفاع مضبوط ٿي سگهي ٿو پر مالي فائدا پڻ حاصل ٿي سگهن ٿا. تنهن هوندي، چين لاءِ به اهو چيلنج آهي ته هو ڪنهن اهڙي ملڪ کي هٿيار فراهم ڪري جيڪو ڪنهن تڪرار جو حصو هجي، ڇو ته ماضي ۾ چين واضح پاليسي اختيار ڪئي هئي ته اندروني تڪرارن لاءِ هٿيار مهيا نه ڪندو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تازو دفاعي معاهدو ۽ افغانستان ۾ انهن جا تعلقات هن صورتحال کي وڌيڪ پيچيده ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان کي هر ننڍي کان ننڍي فيصلي ۾ محتاط رهڻو پوندو ته جيئن علائقائي توازن برقرار رهي سگهي.