ٽرمپ انتظاميا جو ايران ۾ حملن تي سنجيدگيءَ سان غور، اسرائيل ۾ هاءِ الرٽ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ جاري حڪومت مخالف احتجاجي مظاهرن کي ڏسندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران ۾ غير فوجي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي امڪان تي سنجيدگي سان غور شروع ڪيو ويو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب ٽرمپ کي فوجي آپشنز تي بريفنگ ڏني وئي آهي پر حتمي فيصلو اڃا تائين ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته خطي ۾ ڇڪتاڻ کي ڏسندي اسرائيل هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته ٽرمپ انتظاميا ايران خلاف امڪاني ڪارروائي جي مختلف آپشنز تي غور ڪري رهي آهي.
رپورٽ موجب ڊونلڊ ٽرمپ کي ايران تي فوجي حملن بابت بريفنگ ڏني وئي، جنهن کانپوءِ تهران ۾ غير فوجي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي امڪان تي سنجيدگي سان سوچيو پيو وڃي.
آمريڪي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته صدر ٽرمپ اڃا ايران تي حملن جو حتمي فيصلو ناهي ڪيو پر فوجي ڪارروائي جي اجازت ڏيڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
هوڏانهن ايران ۾ آمريڪا جي امڪاني مداخلت سبب اسرائيل هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي سيڪيورٽي ادارن احتياطي قدم سخت ڪري ڇڏيا آهن پر اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته ان هاءِ الرٽ جي عملي شڪل ڇا آهي.
ذريعن موجب ڇنڇر ڏينهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وچ ۾ ٽيلفونڪ رابطو ٿيو هو، جنهن ۾ ايران ۾ امڪاني آمريڪي مداخلت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.