لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ بنگلاديش طرفان پنهنجي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جي معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلايش جي ميچن جي ميزباني ۾ دلچسپي ظاهر ڪري ڇڏي.
پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته سريلنڪا ۾ وينيوز جو مسئلو آهي ته پاڪستان حاضر آهي، چيمپيئنز ٽرافي ۽ آءِ سي سي وومين ڪواليفائر پاڪستان ۾ ٿي چڪا آهن، هي ميچون به آساني سان ڪرائي سگهون ٿا.
پي سي بي ذريعن موجب پاڪستان جا سمورا وينيوز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميچن لاءِ تيار آهن.
واضح رهي ته بنگلاديش جي ٽيم سيڪيورٽي خدشن سبب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون ميچون ڀارت ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ شيڊيول آهي.
You might also like