پنجاب فرانزڪ ليب پاران 9 مئي واقعن ۾ سهيل آفريدي سميت ٻين اڳواڻن جي موجودگي جي تصديق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب فرانزڪ سائنس ليبارٽري 9 مئي جي واقعن ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ڪامران بنگش، تيمور جھگڙا ۽ عرفان سليم جي موجودگي جي تصديق ڪري ڇڏي.
پنجاب فرانزڪ ليبارٽري پشاور پوليس جي درخواست تي 9 مئي جي واقعن سان لاڳاپيل وڊيوز ۽ آڊيو ويزول جو جائزو ورتو.
رپورٽ موجب يو ايس بي ۾ موجود 16 وڊيوز جو تجزيو ڪيو ويو، جنهن دوران ڪيترين ئي وڊيوز ۾ ڪنهن به قسم جي ايڊيٽنگ جا ثبوت نه مليا، ڪجهه وڊيوز ۾ ماڻهن ۽ ٽيڪسٽ جي واڌ جي نشاندهي ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سهيل آفريدي ۽ عرفان سليم سان لاڳاپيل ٻن وڊيوز ۾ ڪلپس جوڙڻ جا ثبوت سامهون آيا، سهيل آفريدي جي پروفائل تصوير کي 9 مئي جي وڊيو سان ملائي ڏٺو ويو، جنهن مان معلوم ٿيو ته پروفائل تصوير ۽ وڊيو ۾ نظر ايندڙ شخص ساڳيو ئي آهي.
اهڙي ريت عرفان سليم جي پروفائل تصوير جي به وڊيوز ۾ موجود هجڻ جي تصديق ٿي وئي، ڪامران بنگش جي پروفائل تصوير ۽ وڊيو ۾ موجود شخص کي هڪ ئي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته تيمور جھگڙا جي پروفائل تصوير ۽ وڊيوز ۾ نظر ايندڙ شخص ۾ به مطابقت ملي.
رپورٽ موجب سڄو تجزيو رڳو ويزول مواد تائين محدود رکيو ويو ۽ رپورٽ جي تياري 19 ڊسمبر کان 23 ڊسمبر 2025 دوران مڪمل ڪئي وئي.
واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ريڊيو پاڪستان حملي واري ڪيس ۾ پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي هئي، جنهن بعد پوليس وڊيوز جي تجزيي لاءِ مواد پنجاب فرانزڪ ليبارٽري ڏانهن موڪليو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.