مهانگائي ۾ اضافي جو لاڙو برقرار، اٽي ۽ کنڊ جي اگهن ۾ لاڳيتو واڌ

ڪراچي/اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ تيزي سان واڌ شهرين لاءِ سنگين مسئلا پيدا ڪري رهي آهي. هڪ هفتي ۾ اٽي جي قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا في ڪلو ۽ کنڊ جي قيمت ۾ 5 کان 10 رپيا في ڪلو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي باوجود هي واڌ جاري آهي. اسلام آباد ۾ 20 ڪلو جي اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2750 رپيا ۽ کنڊ في ڪلو 152 رپين تائين پهچي وئي آهي. لاهور ۾ پيس ٿيل اٽو 170 رپيا في ڪلو مهانگو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪڻڪ في من 4400 رپين کان وڌي 4900 رپيا ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ اٽي جي قيمت 140 کان 150 رپيا في ڪلو ۽ کنڊ 136 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي. پشاور ۾ کنڊ مارڪيٽ ۾ 20 ڪلو جي اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2750 رپيا ۽ 175 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. ڪوئيٽا ۾ اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ به ترتيبوار 15 ۽ 5 رپيا في ڪلو واڌ ٿي آهي. شهري حڪومت کان مطالبو ڪري رهيا آهن ته قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.