ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٿڌ جي لهر ۾ واڌ سبب سنڌ جي تعليم کاتي اسڪولن جي حوالي سان اهم فيصلو ڪيو آهي.
تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه وڏي وزير مراد علي شاهه جي مشاورت سان اسڪولن ۾ وقت تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
فيصلي تحت سڄي صوبي ۾ سرڪاري ۽ نجي اسڪول ٻن هفتن لاءِ صبح 9 وڳي کلندا، جڏهن ته اسڪول بند ٿيڻ جو وقت ساڳيو ئي رهندو.
ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فيصلو 26 جنوري تائين لاڳو رهندو.
واضح رهي ته ٿڌ جي شدت ۾ واڌ سبب پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ موڪلون هڪ هفتو وڌايون ويون آهن.
Prev Post
You might also like