لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين ايڊيشن لاءِ وڌيڪ ٻه ٽيمون ته سامهون اچي ويون آهن، پر ڪرڪيٽ شوقينن کي هاڻي ڊرافٽ جو اوسيئڙو آهي.
ذريعن موجب،پاڪستان سپر ليگ جا ڊرافٽ 30 جنوري تي ٿيڻ جو امڪان آهي، پي ايس ايل مئنيجمينٽ ڊرافٽ بابت رٿابندي شروع ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل مئنيجمينٽ ڊرافٽ کان اڳ سمورا معاملا اُڪلائڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي ۽ جلد ڊرافٽ لاءِ وينيو ۽ تاريخ جو باضابطا اعلان ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، پي ايس ايل 11 جي ڊرافٽنگ وارو عمل پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي سيريز وقت هڪ ڏينهن جي وقفي دوران ٿيندو.
واضح رهي ته هن ڀيري ڊرافٽنگ واري عمل ۾ سمورين 8 فرنچائزز جا مالڪ، ڪوچ ۽ ٻيا نمائندا شرڪت ڪندا.
You might also like