سهيل آفريدي جي آجيان:پ پ، ن ليگ کي دفاعي پوزيشن ۾ وجهي ڇڏيو

لاهور (عمران شفقت) سهيل آفريدي 4 ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو جتي پيپلزپارٽي پنهنجي سعيد غني کي آجيان لاءِ موڪليو. سعيد غني کيس اجرڪ پارايو، روايتي مهمان نوازي ڪئي، سنڌي ٽوپي پارائي. سهيل آفريدي سان گڏ ٻيا ماڻهو به هئا، انهن سان به اهڙو ورتاءُ ٿيو، کين پروٽوڪول ڏنو ويو. اهڙي ريت پيپلزپارٽي هڪ تير سان ڪيترائي هدف حاصل ڪري ورتا. پيپلزپارٽي وارن مسلم ليگ ن کي دفاعي پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ته جيڪڏهن واقعي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي اها خواهش هجي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڪا جاءِ نه ڏني وڃي، ڪو احتجاج يا حق نه ڏنو وڃي، ته ڪراچي ۾ به اهو ئي ٿئي ها. ڪراچي ۾ به ساڳي اسٽيبلشمينٽ آهي ۽ معاملا به ساڳيا آهن. پر ڪراچي وارن پنهنجو موقف اهو رکيو آهي ته جيڪڏهن ڪٿي ڪو فيصلو ٿئي، ته هو ان کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا آهن. تاثر اهو آيو ته اهڙو ڪو فيصلو اسٽيبلشمينٽ طرفان به نه هو. حقيقت ۾، جيڪڏهن ياد هجي ته سهيل ورڙائچ جي ڪالم ۾ وفاقي حڪومت تي اهو ئي الزام هو ته انهن عمران خان جي مقابلي ۾ پنهنجو ڪو سياسي بيانيو تيار ناهي ڪيو. هاڻي خبرون آهن ته هڪومت کي 5 کان 6 مهينن يعنيٰ جون تائين جو وقت ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن حڪومت کي ئي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو آهي، ته ايندڙ ٽن چئن سالن تائين پاڪستان اهڙي طرح گذاريندو. ۽ جيڪڏهن آءِ ايم ايف جي چنبي مان نڪرڻو آهي، ته ان لاءِ دٻاءُ آهي ته حڪومت ڪجهه جرئتمنداڻا فيصلا ڪري، حڪومت تي ڊيليور ڪرڻ جو دٻاءُ آهي. اسٽيبلشمينٽ طرفان دٻاءُ آهي ته عمران خان جي معاملي ۾ هو رڳو قانوني حدن تائين رهي سگهن ٿا، سياست ۾ مداخلت نه ڪندا. اهڙي طرح پاڪستان پيپلز پارٽي اڄ پاڪستان تحريڪ انصاف کي جاءِ ڏئي ٻن هدفن کي ساڳئي وقت حاصل ڪيو. هڪ طرف مسلم ليگ ن کي چيو ته توهان سياسي معاملا ڊيل نٿا ڪري سگهو، ملبو توهان تي اچي ٿو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  ڇنڇر 10 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.