ايران ۾ احتجاج رجيم چينج لاءِ نه، مهانگائي ۽ معاشي دٻاءَ خلاف آهي: تجزئي نگار

اسلام آباد (تجزيو: حيدر نقوي) ايران بابت اهو تاثر پکيڙيو پيو وڃي ته ايراني عوام روڊن تي نڪري پنهنجي حڪمرانن خلاف بغاوت ڪري چڪو آهي ۽ ملڪ ۾ رجيم چينج جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هن بيانيي جو زميني حقيقتن سان ڪو به واسطو ناهي، ڇو ته ايراني عوام يقينن احتجاج ڪري رهيو آهي پر هي احتجاج ڪنهن سياسي نظام جي تبديلي يا حڪومت جي خاتمي لاءِ ناهي مهانگائي ۽ معاشي دٻاءَ خلاف آهي ۽ هن فرق کي سمجهڻ انتهائي ضروري آهي.
ايراني سماج هن لحاظ کان منفرد آهي جو اتي عوامي ڪاوڙ به هڪ واضح قومي ۽ رياستي حد اندر رهندي آهي ۽ ڪنهن به ٻاهرين طاقت کي ملڪ جي اندر اثر رسوخ جي اجازت ڏيڻ ايراني عوام جي اجتماعي شعور جو حصو ئي ناهي. ان معاملي ۾ ايراني قوم عام اندازن کان وڌيڪ وطن پرست، حساس ۽ خوددار آهي، ايران ۾ رجيم چينج جو واحد نظرياتي امڪان به صرف انهيءَ صورت ۾ تصور ڪري سگهجي ٿو ته آمريڪا سڌي طرح هڪ ڀرپور، فيصلائتو ۽ سخت حملو ڪري، جنهن ۾ نه رڳو حڪومتي ڍانچو پر عوامي مزاحمت به مڪمل طور چٿجي وڃي، پر موجوده عالمي، علائقائي ۽ عسڪري حالتن ۾ اهڙو منظرنامو نه رڳو ناممڪن نظر اچي ٿو پر جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ها ته اسرائيل ماضي ۾ فلسطين جيان ايران خلاف اهڙو قدم ڪڏهن جو کڻي چڪو هجي ها، تنهنڪري ايران ۾ رجيم چينج بابت افواهن يا خواهشن کي حقيقت سمجهڻ سياسي ناپختگي کانسواءِ ڪجهه به ناهي.
انقلاب کان پوءِ جو ايران ۽ اهڙيءَ طرح سعودي عرب اهڙا ٻه ملڪ آهن، جتي عوام کي عارضي مسئلن، معاشي دٻاءَ يا انتظامي خرابين تي احتجاج ڪندي ضرور ڏسي سگهجي ٿو پر کين پنهنجي حڪمرانن خلاف بيهارڻ عملي طور ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن رياستن ۽ عوام وچ ۾ لاڳاپو رڳو سياسي ناهي پر گهري مذهبي، نظرياتي ۽ اعتقادي رشتي تي ٻڌل آهي ۽ جڏهن حڪمراني مذهبي بنيادن سان ڳنڍيل هجي ته اختلاف به هڪ حد کان اڳتي نٿو وڌي، ان ڪري ئي انهن ٻنهي ملڪن ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ٿي سگهي ٿو پر اقتدار جي پاڙن تائين پهچڻ ٻاهرين طاقتن لاءِ اڄ به هڪ ناممڪن خواب ئي نظر اچي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.