حيدرآباد(رپورٽر) تعليمي ماهرن، اديبن، صحافين، وڪيلن، هاري ۽ مزدور اڳواڻن ۽ شاگردن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن ۾ ميرٽ جي لتاڙ کي روڪي، سنڌ جي تعليمي ادارن کي هٿيارن کان صاف بڻائي، يونيورسٽين جون فيون گهٽايون وڃن ۽ سمورن شاگردن کي هاسٽل ۽ پوائنٽ بس جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن ۾ ميرٽ جي لتاڙ، تعليمي ادارن کي خانگائڻ، فين ۾ واڌ خلاف ۽ تعليمي ادارن ۾ امن امان جي بحالي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساجد حسين مهيسر، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نويد عباس ڪلھوڙو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر سرمد سائينداد خاصخيلي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي ليگل ايڊوائيزر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مھيسر، نامور ليکڪ ۽ سينيئر صحافي دستگير ڀٽي، پي آر ايس ايف جي مرڪزي اڳواڻ اسلم چانڊيو، حيدرآباد هائي ڪورٽ بار اڳواڻ ايڊووڪيٽ نويد جروار، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي رضا جلباڻي، ضلعي حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اشوڪ ڪمار ۽ ٻين خطاب ڪيو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساجد حسين مهيسر چيو ته هڪ منظم سازش ذريعي سنڌ جي تعليم هٿ وٺي تباهہ ڪئي پئي وڃي، ڪافي علائقن ۾ سرڪاري اسڪولن جو وجود ئي نه آهي ۽ اڪثر ڪري سرڪاري اسڪول هڪ ڪمري وارا آهن، جيڪي وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن، باقي بچيل اسڪولن ۾ استادن، اسٽاف ۽ فرنيچر جي کوٽ آهي ۽ اڪثر اسڪول ته واش روم جهڙي ضروري شي کان به وانجهيل آهن. انهن ادارن کي بهتر بڻائڻ بجاء سرڪار عالمي سامراجي پاليسي تي عمل ڪندي انهن سرڪاري اسڪولن کي پبلڪ پرائويٽ پارٽنرشپ ذريعي هلائڻ جي رٿابندي ڪري، حڪومت مفت معياري تعيليم ڏيڻ جي پنهنجي بنيادي ذميواري کان آجي ٿي رهي آهي، جنهن سبب سنڌ جو پورهيت طبقو تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿي ويندو. سنڌ جي تعليمي صورتحال پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کان به پٺتي پيل آهي. سنڌ ۾ فقط 10 اسڪولن ۾ ھٿ ڌوئڻ جي سھولت موجود آھي، 68 سيڪڙو اسڪول بنيادي سھولت بجلي کان محروم آھن، 46 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن، جڏھن ته انھن مان به 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نياڻيون آھن. پاڪستان اڪنامڪ سروي جي 2024 جي رپورٽ موجب صرف 10 سالن عمر کان مٿي وارو لٽريسي ريٽ 57 سيڪڙو آھي ۽ 60 سيڪڙو پرائمري اسڪولن ۾ واش رومن جي سھولت موجود نہ آھي. سنڌ حڪومت 2018 ۾ ٽوٽل بجيٽ مان تعليم لاء فقط 2.1 جي ڊي رکي جيڪا ھاڻي 2023 ۾ گھٽائي 1.5 ڪئي وئي. سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر نويد عباس ڪلھوڙو چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ به هٿ وٺي دهشتگردي جو ماحول پئدا ڪيو پيو وڃي، آئي ڏينهن يونورسٽين اندر فائرنگ جهڙا واقعا پيش اچن ٿا. افسوس جي ڳالھ اها آئي ته يونيورسٽين جي انتظاميا ان اهڙي سنگين صورتحال کان به اڻواقف بڻيل آهي. ڪرپشن جي باھ سنڌ جي اعلي تعليمي ادارن کي تباھي جي ڪناري تي بيھاري ڇڏيو آھي ۽ ميگا اسڪينڊل ڪري سنڌ جي يونيورسٽين جي گرانٽ ذاتي کيسن ۾ اماڻي وئي آهي. فقط سنڌ يونيورسٽي ۾ 2020 جي سال ۾ 80 ڪروڙ جي ڪرپشن ظاھر ٿي، جنھن جي وڌيڪ جانچ جي گھر لاء سنڌ جي وزير اعلي اجازت نه ڏني، جنھن کي 2021 ۾ 71 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪري پيش ڪيو ويو، جنھن ۾ اڳوڻي وي سي ۽ رجسٽرار 50 ھزارن ۾ ڪورٽ سڳوري مان ضمانتون منظور ڪرايون. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته پيپلز پارٽي ايس پي ايس سي کي نوڪرين جي وڪري جي منڊي بڻائي ڇڏيو آهي، ايس پي ايس سي ۾ نوڪرين جي وڪري جي ذميوار پي پي جي ڪرپٽ حڪومت آهي، يونيورسٽين جي وي سي ۽ ايس پي ايس سي ۽ بورڊ چيئرمين جي سيٽ لاءِ حڪمران جماعت وٽ باقائده نيلامي ٿيندي آهي، اسيمبليءَ ۾ ويٺل نام نهاد اپوزيشن به ايس پي ايس سي ۾ نوڪرين جي وڪري تي مجرماڻي ماٺ ڪئي آهي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن ۾ نون صوبن جا حمايتي سوال شامل ڪري سنڌ جي وجود تي وار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته يونيورسٽين جون ڳاٽي ٽوڙ فيون، هر سال فين ۾ اضافو دراصل يونيورسٽين کي کپائڻ جي سازش آهي، يونيورسٽين ۾ تعليمي ماهرن بدران ڪرپٽ ڪامورن کي وي سي مقرر ڪري يونيورسٽيون شاگرد دشمن مافيائن جي حوالي ڪيون ويون آهن. بلاول شهباز اتحادي سرڪار ملڪ کي چوري مال سمجهي وڪڻي رهي آهي.