پاڪستان جا هڪ وقت آمريڪا ۽ چين سان مضبوط لاڳاپا، آمريڪا جي ريڪوڊڪ ۾ دلچسپي

واشنگٽن (م ڊ) عالمي رسالي ” ڊي ڊپلوميٽ جو چوڻ آهي ته بهترين سفارتڪاري ذريعي پاڪستان خطي ۾ نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو آهي. عالمي رسالي موجب، چين پاڪستان جي علائقي ۾ وڌندڙ اثرائتي ڪردار ۽ بهترين سفارتڪاري کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو آهي، حڪومت، رياستي ادارن ۽ عوام جي قومي معاملن تي هڪجهڙو ۽ واضح موقف عالمي سطح تي قبوليت حاصل ڪري رهيو آهي، بهترين سفارتڪاري جي مدد سان پاڪستان خطي ۾ نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چين پاڪستان کي معاشي طور مضبوط ۽ سرحدن کان ٻاهر به اثرائتو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ سمجهي ٿو، آمريڪا سان سٺن لاڳاپن سان گڏ پاڪ-چين دوستي به صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، چين پاڪستان جي عالمي ۽ علائقائي معاملن ۾ اهم ڪردار جي حمايت ڪري ٿو.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چين سيڪيورٽي ڪائونسل ۽ ايس سي او جي صدارت لاءِ پاڪستان کي بهترين ۽ موزون ملڪ سمجهي ٿو، پاڪستان پڻ چين سان ڪيترن شعبن ۾ اسٽريٽيجڪ ڀائيوارين کي اهم سمجهي ٿو، چين هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو آهي. ٻئي طريف ميڊيا رپورٽن موجب پاڪ-آمريڪا لاڳاپا هن وقت تاريخ ۾ پنهنجي مضبوط ترين سطح تي آهن، جنهن جي نتيجي ۾ جلد ئي ملڪ ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري متوقع آهي،آمريڪي سفارتخاني ۾ پبلڪ ڊپلوميسي جي وزير ڪائونسلر اينڊي هيلز چيو آهي ته پاڪستان-آمريڪا لاڳاپا هن وقت تاريخ ۾ پنهنجي بهترين ترين سطح تي آهن. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ مضبوط، خوشگوار ۽ باهمي احترام وارا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوط بنياد کي ظاهر ڪن ٿا. اينڊي هيلز انڪشاف ڪيو ته آمريڪي حڪومت جي ايگزم بينڪ جي تعاون سان پاڪستان جي اهم معدني منصوبي ريڪو ڊيڪ ۾ ڪيترائي ارب ڊالر سيڙپڪاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مائنز ۽ معدنيات جي شعبي ۾ آمريڪي خانگي ڪمپنين جي دلچسپي تيزي سان وڌي رهي آهي، جيڪا پاڪ-آمريڪا معاشي تعاون ۾ واڌ جي نشاني آهي. ڪمپنيون جتي به سيڙپڪاري ڪن ٿيون اتي مقامي قابليت کي ترجيح ڏين ٿيون ۽ نوان نوڪري جا موقعا پيدا ڪن ٿيون. اينڊي هيلز، تعليم کي پاڪ-آمريڪا لاڳاپن جو مکيه ٿنڀ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ فل برائيٽ پروگرام 75 سال مڪمل ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي تائين 9,000 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد آمريڪا جي معزز يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. هن پاڪستاني نوجوانن کي يو ايس اي ايف پي ۽ ايجوڪيشن يو ايس اي جي مفت تعليمي وسيلن مان پورو فائدو وٺڻ جي ترغيب ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.