ڪالعدم ٽي ٽي پي تي عمران خان جو موقف ڪنهن کان لڪيل ناهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي تي پي ٽي آءِ باني جو جيڪو موقف رهيو آهي اهو ڪنهن کان لڪيل ناهي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني سدائين طالبان جي حق ۾ انهن جون آفيسون کولڻ جي ڳالهه ڪئي، ڪالعدم ٽي ٽي پي اسڪولن، مسجدن، امام بارگاهن ۽ فوج تي حملا ڪيا.
هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت طالبان لاءِ سدائين نرمي ڏيکاري، انهن جي پنهنجي صوبي ۾ معصوم جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، سج لٿي کانپوءِ ٿاڻا بند ٿي ويندا آهن، ڪي پي حڪومت جي ذميواري آهي ته ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪري.
سندس چوڻ هو ته جمهوريت ۾ تنقيد ٿيندي آهي، عدم برداشت نه هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني جي دور ۾ جيڪڏهن ڪو انهن تي تنقيد ڪندو هو ته ٻئي ڏينهن نيب جو نوٽيس اچي ويندو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.