ايران ۾ احتجاج 100 کان وڌيڪ شهرن تائين پکڙجي ويو، 47 ڄڻا مارجي ويا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ حڪومت مخالف احتجاج ۾ شدت اچي وئي، انساني حقن جي پرڏيهي ادارن جو چوڻ آهي ته احتجاج 100 کان وڌيڪ شهرن تائين پکڙجي ويو آهي.
تهران ۽ مشهد ۾ رات دير تائين حڪومت خلاف روڊن تي مارچ ڪيو ويو، احتجاجي مظاهرن دوران هيل تائين مارجي ويلن جو انگ 47 ٿي ويو آهي، جن ۾ سيڪيورٽي اهلڪار پڻ شامل آهن، جڏهن ته 2500 جي لڳ ڀڳ ماڻهو گرفتار آهن.
ايران ۾ انٽرنيٽ سروس هڪ ڀيرو ٻيهر بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ترڪيه استنبول کان تهران ويندڙ سموريون اڏامون رد ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.