خبردار! جيڪڏهن توهان به نَڪ جو اسپري استعمال ڪندا آهيو ته احتياط ڪيو

صحت جي ماهرن نيزل اسپري (نڪ جي اسپري) جي گهڻي استعمال کان خبردار ڪندي چيو آهي ته ان سبب نڪ ۾ موجود ساهه جي نالين کي وڏو نقصان پهچي سگهي ٿو.
ماهرن جي ماهرن موجب نڪ جو اسپري استعمال ڪندڙ ماڻهن جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جيڪا خطرناڪ ڳالهه آهي.
ماڻهو عام طور تي سياري جي مند ۾ بند نَڪ کي کولڻ لاءِ ان اسپري جو استعمال ڪندا آهن
پر هڪ تازي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته تقريبن 60 سيڪڙو ماڻهن کي ان ڳالهه جو علم ئي ناهي ته ان اسپري کي گهڻي وقت تائين استعمال نه ڪرڻ گهرجي، جنهن سبب اهي خطرناڪ حد تائين ري بائونڊ ڪنجيشن (ٻيهر نڪ بند ٿيڻ) جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
ان حوالي سان رائل فارماسيوٽيڪل سوسائٽي چيو ته ان جو ڊگهي وقت لاءِ استعمال نڪ ۾ موجود حساس رت جي نالين ۾ سوڄ پيدا ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته اهو نڪ ۾ رنڊڪ کي وڌائي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ مريض کي ساهه کڻڻ لاءِ دوا ۽ علاج تي ڀاڙڻو پئي ٿو.
ان ڪيفيت کي طبي ٻولي ۾ رائٽائٽس ميڊيسيمنٽوزا چيو ويندو آهي ۽ ان اسپري جو وڌيڪ استعمال ڪندڙ ڪو به شخص ان سان متاثر ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ ساڙَي، نزلي، هر هر نِڇون اچڻ ۽ نڪ بند ٿيڻ جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن، ڪجهه مريضن کي ته مسلسل سوڄ سبب سرجري ڪرائڻي پوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.