انتونيو گوتريس جي آمريڪا کي تنبيهه

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته آمريڪا گڏيل قومن جون رهتون ادا ڪرڻ جو پابند آهي.
ٽرمپ انتظاميا طرفان گڏيل قومن جي ڪيترن ئي ذيلي ادارن جي فنڊن جي بندش کانپوءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آمريڪي حڪومت جو ان جي مالي ذميوارين ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي.
انتونيو گوتريس ٽرمپ انتظاميا کي تنبيهه ڪئي آهي ته آمريڪا گڏيل قومن جون رهتون ادا ڪرڻ جو پابند آهي.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي ڪيترن ئي ذيلي ادارن کي فنڊنگ فراهم ڪرڻ تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.