ڪابل تي طالبان جي قبضي سان پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو: رپورٽ

برسلز (ويب ڊيسڪ) برسلز ۾ قائم آزاد ۽ غير منافعي بخش ٿنڪ ٽينڪ انٽرنيشنل ڪرائسز گروپ (آءِ سي جي) طرفان جاري ڪيل هڪ نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪابل تي طالبان جي قبضي سان پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو.
رپورٽ موجب افغانستان تي طالبان جي قبضي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ پاڪستان آهي، اسلام آباد ۽ ڪابل وچ ۾ جنگبندي برقرار آهي پر شدت پسندن جي حملي جي صورت ۾ پاڪستان وري افغانستان تي حملو ڪري سگهي ٿو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب افغان طالبان طرفان ٽي ٽي پي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ کان انڪار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.