لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ٻن ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ٻن ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ هڪ شڪايت سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي ججن جي تعليمي قابليت، اهليت ۽ انتظامي معاملن ۾ ڪردار تي سنگين سوال اٿاريا ويا آهن.
شڪايت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف جسٽس عاليا نيلم ۽ جسٽس ابهر گل خان جج طور پنهنجي عهدن تي رهڻ جا اهل ناهن، تنهن ڪري سپريم جڊيشل ڪائونسل ٻنهي جي تعليمي سندن ۽ مجموعي اهليت جو جائزو وٺي.
شڪايت ڪندڙن موجب جسٽس ابهر گل خان جي تعليمي ڊگري درست ناهي، تنهن ڪري سندس مڪمل تعليمي رڪارڊ طلب ڪري جاچ ڪئي وڃي، خاص طور مستقل جج ڪنفرم ڪرڻ کان اڳ ان جي ڊگرين جي تصديق ڪئي وڃي.
شڪايت ۾ اهو الزام به هنيو ويو آهي ته لاهور ۾ عورت ڊسٽرڪٽ ججز کي ڄاڻي واڻي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي ڏورانهن علائقن ۾ ٽرانسفر ڪيو پيو وڃي، جنهن سان انهن جي ذاتي ۽ خانداني زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي.
چيف جسٽس عاليا نيلم تي ضلعي عدالتن جي معاملن ۾ مداخلت جو الزام هڻندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته سندس ڪردار جو به باقاعدي جائزو ورتو وڃي.
اها شڪايت متاثر عورت ججز ۽ ٻين جڊيشل آفيسرن جي والدين طرفان داخل ڪئي وئي آهي پر هنن تحفظ جي خدشن سبب في الحال پنهنجا نالا ظاهر نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
شڪايت ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن الزام درست ثابت ٿين ته چيف جسٽس عاليا نيلم ۽ جسٽس ابهتر گل خان کي عهدن تان هٽايو وڃي ته جيئن عدالتي نظام تي عوام جو اعتماد برقرار رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.