پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ برسات جي ور چڙهي وئي

دمبولا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏي ويندڙ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي.
ميزبان سريلنڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ جمعي ڏينهن دمبولا ۾ شيڊيول هئي.
دمبولا ۾ ٿيندڙ ميچ جو ٽاس به نه ٿي سگهيو ۽ مسلسل برسات سبب ميچ بنا نتيجي ختم ڪئي وئي.
واضح رهي ته ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي، جڏهن ته سيريز جي ٽِين ۽ آخري ميچ 11 جنوري تي دمبولا ۾ ئي کيڏي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.