گووا ۾ سير سپاٽا، سمنڊ ڪناري پِڪنڪ، ڪارتڪ ۽ ڪرينا جي رومانوي لاڳاپن بابت وڏو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار ڪارتڪ آريان ۽ سندس مبينا مسٽري گرل ڪرينا ڪوبيليوٽ سان لاڳاپن بابت وڏو انڪشاف ٿيو آهي.
گذريل ڏينهن، ڪارتڪ آريان سان لاڳاپيل هڪ افواهه سوشل ميڊيا تي ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو، جنهن ۾ سندس نالو 17 ورهين جي برطانوي شاگردياڻي ڪرينا ڪوبيليوٽ سان جوڙيو پيو وڃي.
سوشل ميڊيا تي ان وقت بحث ڇڙي ويو جڏهن ڪارتڪ ۽ ڪرينا طرفان ڌار ڌار سمنڊ ڪناري نڪتل تصويرون شيئر ڪيون ويون، جنهن ۾ غير معمولي طور هڪجهڙائي نظر آئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، جنوري جي پهرئين هفتي ۾ ڪارتڪ آريان ۽ ڪرينا ٻئي گووا جي مشهور سينٽ ريجس هوٽل ۾ ترسيل هئا، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌار ڌرا ڪمرا ورتا هئا.
ٻئي پاسي هوٽل انتظاميا رازداري واري پاليسي جو حوالو ڏيندي ڪنهن به تبصري کان انڪار ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.