ٿڌ جي سخت لهر، موسميات کاتي ڪراچي وارن کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌيون هوائون گهلڻ سبب سيءُ وڌي ويو.
موسميات کاتي موجب بلوچستان جون ٿڌيون هوائون شهر تي اثرانداز ٿي رهيون آهن، جنهن سبب ڇنڇر ۽ آچر تي پارو سنگل ڊيجٽ ۾ وڃڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ گهٽ کان گهٽ پارو 11 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو آهي، اتر اوڀر کان 11 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن، هوا ۾ گهم جي شرح 44 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.