ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو مڊل آرڊر بيٽر تلڪ ورما انجري جو شڪار ٿي نيوزيلينڊ خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي شروعاتي ٽن ميچن ۾ ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي جاري ڪيل بيان موجب، تلڪ ورما اربع ڏينهن راجڪوٽ ۾ ٽيسٽيڪولر سرجري ڪرائي آهي ۽ کيس آرام جو مشورو ڏنو ويو آهي.
بي سي سي آءِ جو چوڻ آهي ته تلڪ ورما شروعاتي ٽن ميچن ۾ حصو نه وٺي سگهندو، جڏهن ته سيريز جي آخري ٻن ميچن ۾ سندس شموليت جو فيصلو فٽنيس ٽيسٽ کانپوءِ ڪيو ويندو.
واضح رهي ته تلڪ ورما اڱاري ڏينهن ڀارت جي علائقائي ون ڊي ٽورنامينٽ ”وجئه هزاري ٽرافي“ ۾ حيدرآباد طرفان بنگال خلاف ميچ کيڏي چڪو هو، اطلاعن موجب ميچ دوران کيس ڪا انجري ناهي ٿي.
ميچ کانپوءِ بيٽر جي سور جي شڪايت تي فوري طور اسڪين ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ سندس سرجري ڪئي وئي.
بي سي سي آءِ موجب، تلڪ ورما کي خميس جي صبح اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو ۽ جمعي تي حيدرآباد لاءِ روانو ٿي ويو.
ٻئي پاسي، ذريعن موجب تلڪ ورما جي نيوزيلينڊ خلاف پوري سيريز ۽ 7 فيبروري تي آمريڪا خلاف رٿيل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي ميچ ۾ شرڪت شڪي بڻجي وئي آهي.
واضح رهي ته تلڪ ورما ويجهڙ ۾ ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو اهم رڪن رهيو آهي، گذريل سال 18 اننگز ۾ هن 567 رنسون ٺاهيون هيون.
بي سي سي آءِ طرفان نيوزيلينڊ خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ اڃا تائين ڪنهن متبادل رانديگر جو اعلان ناهي ڪيو ويو.
You might also like