چيٽ جي پي ٽي ۾ طبي ڄاڻ لاءِ اهم ٽول متعارف، ڪم ڪيئن ڪري ٿو؟ ڄاڻي وٺو

اوپن اي آءِ ڪجهه ڏينهن اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته 4 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو روزانو چيٽ جي پي ٽي کي طبي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
ان سلسلي ۾ ڪمپني طرفان هڪ نئون ٽول متعارف ڪرايو آهي، جنهن جو نالو ”چيٽ جي پي ٽي هيلٿ“ رکيو ويو آهي.
هونئن ته چيٽ جي پي ٽي کان اڳ ۾ ئي صحت سان لاڳاپيل سوال پڇي سگهجن ٿا، پر هاڻي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) چيٽ بوٽ ۾ صحت لاءِ هڪ مخصوص سيڪشن شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو خاص طور تي صحت معاملن تي ويچارڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
چيٽ جي پي ٽي جو اهم ترين فيچر توهان جي ميڊيڪل رڪارڊز ۽ ويلنس ايپس سان ڳنڍجي سگهي ٿو، جنهن جي بنياد تي اهو جواب فراهم ڪري ٿو.
يعني چيٽ جي پي ٽي جا جواب وڌيڪ ڪارائتا هوندا آهن ۽ توهان طبي ٽيسٽ جا نتيجا سمجھي سگهو ٿا.
ڪمپني موجب، واهپيدار کي مڪمل اختيار هوندو ته اي آءِ چيٽ بوٽ کي ڪيتري حد تائين رڪارڊز تائين رسائي ڏني وڃي.
جيڪڏهن توهان ڪنهن ايپ کي چيٽ جي پي ٽي هيلٿ سان ڳنڍو ٿا ته ڪمپني واضح ڪندي ته ڪهڙي ڊيٽا ٿرڊ پارٽي وٽان گڏ ڪئي ويندي.
اوپن اي آءِ موجب، ڪمپني 60 ملڪن جي 260 کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ ڪيئي طبي ماهرن سان گڏجي چيٽ جي پي ٽي هيلٿ جي جوابن کي بهتر بڻائيندي.
ڪمپني وڌيڪ واضح ڪيو آهي ته هن سيڪشن جو مقصد ماڻهن کي مدد فراهم ڪرڻ آهي، ڊاڪٽرن جو متبادل بڻجڻ ناهي، اسان نشاندهي يا علاج نٿا ڪرڻ چاهيون، رڳو روزمره جا سوال جواب ڏئي ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا.
هي سيڪشن چيٽ جي پي ٽي ايپ جي کاٻي پاسي مين مينيو ۾ موجود آهي.
ڪمپني موجب، اهو فيچر في الحال سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب ناهي ۽ پهچ لاءِ ويٽ لسٽ جو حصو ٿيڻ ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.