سڊني (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم هاڻي آسٽريليا جي بِگ بيش ليگ ۾ کيڏڻ ۾ مصروف آهي.
بِگ بيش ليگ ۾ سڊني سڪسرز جي نمائندگي ڪندڙ بابر اعظم گذريل ڏينهن ميلبورن اسٽارز خلاف 17 بالن تي 14 رنسون ٺاهڻ بعد مارڪوس اسٽوئنس جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو.
آئوٽ ٿيڻ کان ٿوري دير اڳ مارڪوس اسٽوئنس بابر اعظم کي ويجهو اچي مٿس ٺٺول ڪندي ڏٺو ويو ۽ سندس آواز اسٽمپ جي مائيڪ ذريعي سڌي ريت نشر ٿيو.
مارڪوس اسٽوئنس پاڪستاني اسٽار بيٽر کي چيو ته ”بابر! هلڻ جو وقت اچي ويو ٿئي“ ان کانپوءِ وڪيٽ حاصل ڪرڻ کانپوءِ به هن ڪجهه جملا چيا جيڪي تماشائين جي گوڙ ۾ دٻجي ويا.
واضح رهي ته بابر اعظم بِگ بيش ليگ جي ستن ميچن ۾ ٻه ففٽيون اسڪور ڪري چڪو آهي، جيڪي ميگا ايونٽ جي تاريخ جون سڀ کان سُست ففٽيون آهن، جڏهن ته باقي پنجن ميچن ۾ هو ذڪر جوڳي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
You might also like