اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت اي او بي آءِ کي نجي ملازمن جي پينشن ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ فيصلي ۾ قرار ڏنو ته 15 سالن کان گهٽ پر ساڍا 14 سال سروس مڪمل ڪندڙ ملازم پينشن جا حقدار آهن.
وفاقي آئيني عدالت اي او بي آءِ طرفان داخل سموريون اپيلون خارج ڪري ڇڏيون، جڏهن ته عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جا 2024 ۽ 2025 جا فيصلا به برقرار رکيا.
جسٽس حسن اظهر رضوي طرفان جاري ڪيل لکت فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سروس جي ڪجهه مهينن يا وڌيڪ عرصي کي سمورو هڪ سال تصور ڪيو ويندو، لاهور هاءِ ڪورٽ جا فيصلا درست آهن، مداخلت جي ڪا گنجائش ناهي.
عدالت چيو ته اي او بي آءِ جو 2022 جو سرڪلر پينشن جي حق کي متاثر نٿو ڪري سگهي، فلاحي قانون جي سخت تشريح سان پينشن کان محروم ڪرڻ ناانصافي آهي، ساڍا 14 سالن کان وڌيڪ سروس مڪمل ڪرڻ کي 15 سال تصور ڪيو ويندو، پينشن جي معاملي ۾ رائونڊنگ آف جو اصول لاڳو هوندو.
You might also like