دنيا جي سڀني ملڪن تي فوجي حملي جو حڪم ڏيڻ جو اختيار رکان ٿو: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مان سڄي دنيا جي ملڪن تي آمريڪي فوجي حملي يا جارحيت جو حڪم ڏيڻ جو مڪمل اختيار رکان ٿو.
هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪمانڊر ان چيف جي حيثيت سان پنهنجي اختيارن جي حد جو فيصلو ڪندڙ مان پاڻ ئي آهيان، جيڪا واحد شئي مون کي روڪي سگهي ٿي اها منهنجي پنهنجي اخلاقيات ۽ منهنجو پنهنجو دماغ آهي.
ان موقعي تي هن هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين وينزويلا جا معاملا هلائڻ ۽ تيل تي قبضو رکڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.