آمريڪا پنهنجي اتحادين کان پري ٿي رهيو آهي: فرانسيسي صدر

پيرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو آهي ته آمريڪا هوريان هوريان پنهنجي اتحادين کان پري ٿيندو پيو وڃي.
مختلف ملڪن ۾ مقرر پنهنجي سفيرن کي خطاب ڪندي ايمانوئل ميڪرون چيو ته اسان اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا، جتي وڏيون طاقتون دنيا ورهائي رهيون آهن، آمريڪا ڳڻتيءَ کان آجو ٿي عالمي قانون ٽوڙي رهيو آهي.
هن چيو مان نٿو سمجهان ته گرين لينڊ جي معاملي ۾ آمريڪا ڊنمارڪ جي قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.