آمريڪا: چرچ ڀرسان فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي شهر سالٽ ليڪ سٽي ۾ فائرنگ سبب ٻه ڄڻا مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب فائرنگ جي واقعي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا، اهو واقعو هڪ چرچ ڀرسان پيش آيو.
ان حوالي سان سالٽ ليڪ سٽي پوليس ڊپارٽمينٽ چيو ته فائرنگ جي واقعي ۾ تقريبن 8 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، جن مان ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس ٻڌايو ته فائرنگ ڪندڙ شخص فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.