لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ون ڊي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي چيو آهي ته سرحد پار ماڻهن ۾ ” اسپورٽس مين اسپرٽ “ جي کوٽ رهي آهي، ڪوشش آهي ته کين ميدن تي ئي جواب ڏيون.
لاهور قلندرز هاءِ پرفارمنس سينٽر جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهين آفريدي چيو ته پاڪستان گذريل ڪجهه عرصي دوران سٺي ڪرڪيٽ کيڏي آهي، ورلڊ ڪپ کان اڳ سريلنڪا جو دورو ٽيم لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.
بابر اعظم جي بيٽنگ تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ضروري ناهي ته هو هر ميچ ۾ ففٽي ڪري، هر رانديگر هميشه ملڪ لاءِ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن،
سرحد پار ماڻهن ۾ اسپورٽس مين اسپرٽ جي کوٽ آهي، کين ميدان تي جواب ڏينداسين: شاهين آفريدي
You might also like