بلوچستان مان دهشتگردي جي خاتمي سان سُک سان نه ويهنداسين: وزيراعظم

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردن خيبر پختونخواهه جيان بلوچستان ۾ به مسئلا پيدا ڪيا، اسان دهشتگردي جي خاتمي تائين سُک سان نه ويهنداسين.
ڪوئيٽا ۾ سياسي اڳواڻن سان گفتگو ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خارجين کي اسان جي پاڙيسري ملڪ مان مدد پئي ملي، فيلڊ مارشل دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فوج جي قيادت ڪري رهيو آهي، اسان دهشتگردي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين.
هن چيو ته اين ايف سي تحت صوبن کي وسيلا فراهم ڪيا پيا وڃن، ڪراچي کان چمن تائين روڊ ٺاهي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.