عالمي بئنڪ جا اعتراض:ڪي فور رٿا تي ڪم رڪجي ويو

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي  شهرين لاءِ هڪ ڳڻتي جوڳي خبر سامهون آئي آهي، يونيورسٽي روڊ تي جاري ڪي فور منصوبو تحت آگمينٽيشن جو ڪم عارضي طور روڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، هي قدم ورلڊ بينڪ جي اعتراضن ۽ منصوبي جي روٽ ۾ تجويز ڪيل تبديلي سبب کنيو ويو آهي. ورلڊ بينڪ ماحولياتي آلودگي ۽ حفاظتي انتظامن جي گهٽتائي تي تحفظات ظاهر ڪيا هئا ۽ منصوبي جي ڊيزائن ۽ روٽ بابت اعتراض ڪيو هو.ذريعا ٻڌائن ٿا ته آگمينٽيشن جو ڪم 10 نومبر تي شروع ڪيو ويو هو ۽ اهو 30 ڊسمبر تائين مڪمل ٿيڻ جو هدف هو. منصوبي تحت اردو يونيورسٽي کان حسن اسڪوائر تائين 2.7 ڪلوميٽر ڊگهي پائپ لائنون وڇائڻيون هيون، پر اڃا تائين صرف 10٪ ڪم مڪمل ٿيو آهي.ابتدائي ڊيزائن موجب، يونيورسٽي روڊ تي 96 انچ ۽ 72 انچ قطر واري پائپ لائن وڇائڻي هئي، پر هاڻي ڊيزائن ۾ تبديلي کان پوءِ صرف هڪ ٽريڪ تي پائپ لائن لڳائي ويندي.اختيارين جو چوڻ آهي ته ورلڊ بينڪ جا اعتراض ختم  ٿيڻ بعد منصوبي تي ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويندو، پر ڪم جي بحالي لاءِ حتمي تاريخ جو اعلان اڃا نه ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.