”پنج وڏن“ ۾ ڳالهين جي ڪوششن کي بريڪ لڳي وئي؟

لاهور/اسلام آباد (امداد سومرو)ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ جتي هڪ پاسي حڪومتي ڌرين ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي امڪانن جو ذڪر هلي رهيو هو، اتي ٻئي پاسي تازين اڳڀراين انهن ڪوششن تي عملي طور بريڪ لڳائي ڇڏيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جي تازي پريس ڪانفرنس کانپوءِ سياسي حلقن ۾ اهو تاثر وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي ته هاڻ ويجهي مستقبل ۾ ڳالهين جو عمل اڳتي وڌڻ ڏکيو ٿي پوندو.گذريل هفتي تائين اهو چيو پئي ويو ته جيڪڏهن “پنج وڏا” ويهي ڳالهائين، جن ۾ چار سياستدان ۽ هڪ فوجي قيادت مان هجي، ته سياسي ڊيڊ لاڪ ختم ٿي سگهي ٿو. انهن نالن ۾ صدر آصف علي زرداري، نواز شريف، وزيراعظم شهباز شريف، عمران خان ۽ پنجين حيثيت طور فيلڊ مارشل عاصم منير جو ذڪر سامهون آيو هو. پر ڪالهه ٿيندڙ پريس ڪانفرنس کانپوءِ سياسي فضا ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي.سياسي ذريعن موجب، نواز شريف کي به رانا ثناءُ الله ڳالهين تي راضي ڪيو هو ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا اجلاس ۾ تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي آڇ به ڪئي هئي. پيپلز پارٽي شروع کان ئي ڳالهين جي حمايت ڪندي رهي آهي، پر تحريڪ انصاف تي الزام آهي ته هنن سياسي دروازا کولڻ بدران صرف اسٽيبلشمينٽ ڏانهن نهاريو. هاڻ، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ڳالهين جو عمل وڌيڪ مشڪل ٿي ويو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  خميس 08 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.