ايراني چيف جسٽس پاران وڳوڙين خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان

تهران(م ڊ) ايران جي عدليه جي سربراهه غلام حسين محسني ايزهي خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل اسلامي جمهوريه ايران ۾ عدم استحڪام جي کليل حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته معاشي احتجاجن جو فائدو وٺي بدامني پکيڙڻ وارن سان سختي سان پيش ايندو ۽ ڪا به نرمي نه ڏيکاري ويندي. ايراني ميڊيا موجب عدالتي عملدارن جي هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي غلام حسين محسني ايزهي چيو ته بدامني جي دور ۾، اسلامي نظام هميشه انهن ماڻهن کي موقعو ڏيندو آهي جيڪي ٺڳيا ويا آهن يا غير شعوري طور تي نقصانڪار سرگرمين ۾ ملوث آهن ته اهي پاڻ کي فسادين کان الڳ ڪن ۽ پنهنجو موقف واضح ڪن. هن چيو ته احتجاج ڪندڙن ۽ نقادن جي روزگار ۽ معاشي ڀلائي بابت خدشن کي ٻڌو ويندو، جڏهن ته، جيڪي ماڻهو صورتحال کي بدامني پکيڙڻ ۽ ملڪ ۽ عوام جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا انهن سان قانون مطابق سختي سان پيش ايندو ۽ فسادين جي سامهون خاموشي برقرار نه رکي ويندي. هن فسادين کي خبردار ڪيو ته ماضي جي ابتڙ هن ڀيري ڪا به نرمي نه ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته موجوده مرحلي تي، ايراني عوام جا اصل دشمن، يعني آمريڪا ۽ صيهوني رياست، ملڪ ۾ عدم تحفظ ۽ انتشار جي کليل حمايت ڪري رهيا آهن. محسني ايزئي چيو ته هن ملڪ جي اٽارني جنرل ۽ پراسيڪيوٽر جنرل کي هدايت ڪئي آهي ته فسادين ۽ انهن جي حمايتين خلاف قانون جي مطابق، پوري طاقت سان ۽ ڪنهن به رعايت کان سواءِ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.