سنڌ حڪومت صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رھي آھي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته عالمي بينڪ طرفان سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريھيبلٽيشن منصوبي جي ڪارڪردگي کي اطمينان جوڳو قرار ڏيڻ سنڌ حڪومت جي اثرائتي رٿابندي جو ثبوت آھي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريھيبلٽيشن منصوبي تحت سڄي صوبي ۾ اھم انفرا اسٽرڪچر جي بحالي ذريعي 7 ڏھائي ٻه ملين کان وڌيڪ ماڻھن لاڀ ماڻيو، منصوبي تحت لاڀ حاصل ڪرڻ وارن ۾  3 ڏھائي  4 ملين عورتون شامل آھن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي کي پھرين اوليت ڏني ۽ محدود وسيلن جي  باوجود شفافيت، رفتار ۽ اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻايو، عالمي بينڪ طرفان منصوبي ۾ اڳڀرائي کي تسلي جوڳو قرار ڏيڻ ان ڳالھ جي تصديق آھي ته سنڌ حڪومت صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رھي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.