برطانوي اخبار دي گارڊين جي تحقيق موجب گوگل جا هٿرادو ڏاهپ جا اوور ويوز، جيڪي سرچ نتيجن جي مٿان ظاهر ٿيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن غلط ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ فراهم ڪندا آهن، جنهن سان ماڻهن جي زندگين کي خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو.
ڪمپني جي دعويٰ آهي ته اهي خلاصا مددگار ۽ اعتماد جوڳا آهن پر ماهرن ڪيترن ئي مثالن سان انهن کي خطرناڪ قرار ڏنو آهي.
هڪ ڪيس ۾ گوگل لبلبي جي ڪينسر جي مريضن کي مشورو ڏنو، جيڪو ماهرن موجب بلڪل غلط آهي ۽ مريض جي حياتي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو.
اهڙي ريت جگر جي فنڪشن ٽيسٽ بابت ڏنل ڄاڻ به غلط هئي، جنهن سان سنگين بيماري ۾ ورتل ماڻهو پاڻ کي صحتمند سمجهي سگهن ٿا.
عورتن جي ڪينسر ٽيسٽ بابت به سرچ نتيجن ۾ بلڪل غلط ڄاڻ ڏني وئي.
صحت جي ماهرن ۽ چيريٽيز خبردار ڪيو آهي ته اهڙا غلط مشورا ماڻهن کي علاج کان پري رکي سگهن ٿا ۽ موتمار نتيجا پيدا ڪري سگهن ٿا.
You might also like