واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن تهران ۾ جاري احتجاجي مظاهرن دوران وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا ته آمريڪا زوردار حملو ڪري سگهي ٿو.
ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا جي صورتحال تي نظر آهي ۽ جيڪڏهن ايراني حڪومت احتجاج ڪندڙن تي طاقت جو استعمال جاري رکيو ته واشنگٽن سخت ردعمل ڏيندو.
واضح رهي ته ايران ۾ احتجاج ٻئي هفتي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، مهانگائي، اقتصادي بحران ۽ ڪرنسي جو قدر گهٽجڻ تي عوام سراپا احتجاج آهي.
ايران احتجاج ڪندڙن تي طاقت جو استعمال ڪيو ته ”زوردار“ حملو ڪنداسين: ٽرمپ جي ڌمڪي
You might also like