پنج جنوري اوڻيهه سئو ڇهاسي تي ڊينمارڪ جي گاديءَ واري شهر ڪوپن هيگن ۾ جنم وٺندڙ هڪ نينگري، جيڪا اڳتي هلي قومي سطح جي بيڊمينٽن پليئر پڻ بڻي، اها راند جا کيس وراثت ۾ ملي، سندس پيءُ پرڪاش پاڊڪون ڀارت جو نمبر ون بيڊمينٽن رانديگر هو، انهيءَ وراثت کي اڳتي وڌائيندي هن ڇوڪريءَ به ان راند کي اپنايو ۽ قومي سطح تي پاڻ ملهايو. ڏکڻ ڀارت سان واسطو رکندڙ هن نينگريءَ جو سالن کان معمول اهو هو ته هوءَ صبح سوير پريڪٽس لاءِ اٿندي هئي ۽ پوءِ اسڪول ويندي هئي، اهو ئي ڊسپلين اڳتي هلي کيس زندگيءَ جي سڀ کان ڏکين مرحلن ۾ به ڪم آيو.
گهڻن ماڻهن شايد پهريون ڀيرو هن نينگريءَ کي 18 ورهين جي ڇوڪريءَ جي روپ ۾ ٽي وي تي بيوٽي صابڻ ۽ ٽوٿ پيسٽ جي اشتهارن ۾ ماڊل طور ڏٺو هوندو، ڏسندڙن کي ته هوءَ هميش ريشميا جي ميوزڪ وڊيو ”دل ڪي سرخ ديوارن په“ ۾ به نظر آئي هوندي.
پر هن هندي فلمن ۾ جڏهن سال 2007 ۾ شاهه رخ خان سان گڏ فلم ”اوم شانتي اوم“ ۾ هيروئن طور ڌماڪيدار انٽري ڏني ته هر ڪوئي سندس واکاڻ ڪرڻ لڳو، فلم ۾ ته هن ”شانتي“ ۽ ”سينڊي“ جو ڊبل رول ادا ڪيو هو پر”اوم شانتي اوم“ جي انهيءَ ڪردار کان وٺي فلم ”سنگهم اگين“ تائين هن ڇوڪريءَ پنهنجي رينج ۽ قابليت جو ڀرپور ثبوت ڏنو ۽ اڄ اسان کيس بالي ووڊ جي سپر اسٽار ليڊي دِپيڪا پاڊڪون جي نالي سان سڃاڻون ٿا.
سندس فني سفر ۾ ادا ڪيل مختلف ڪردارن ۾ هر رنگ ۽ هر رويو نظر اچي ٿو، ڪڏهن هوءَ “اکين ۾ عجب ادائون“ کڻي اسڪرين تي ظاهر ٿئي ٿي، ته ڪڏهن ”بي شرم رنگ“ ڏيکارڻ جي ضد ۾ ٻڙڌڪ مچائي ٿي ڇڏي.
ڪڏهن هوءَ فلم ”رام ليلا“ جي تيز مزاج ”ليلا“ آهي، جيڪا سرعام چوندي آهي ته ” پيار بي شرم، گستاخ، خود غرض هوندو آهي، پر پيار ائين ئي هوندو آهي.“ ته ڪٿي وري هوءَ فلم ”تماشا“ جي ”تارا“ جي ڪردار ۾ محبت واري معاملي ۾ ٻڏتر جو شڪار محسوس ٿئي ٿي ته ڪڏهن پيار ۾ ٻڏل ”مستانيءَ“ جي روپ ۾ سڀني کي دنگ ڪري ڇڏي ٿي.
هوءَ ته ”يه جواني هي ديواني“ جي ”نينا“ آهي، جيڪا اندران نرم، نفيس پر اڏول آهي، جيڪا حال ۾ زنده رهي ٿي پر هن دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ماضيءَ جون يادون دفن آهن ۽ هوءَ ان ڳالهه ۾ يقين رکي ٿي ته”يادون مٺائي جي دٻي جيئن هونديون آهن، جيڪي هڪ ڀيرو ئي کُلن ٿيون، جنهن مان رڳو هڪ ٽُڪرو نه ٿو کائي سگهجي.“
”پيڪو“، ”ڇپاڪ“، ”گهرائيان“، ”پدماوت“، ”هيپي نيو ايئر“، ”چنائي ايڪسپريس“ جهڙين فلمن ذريعي اٽڪل ٻن ڏهاڪن کان دِپيڪا هر ڪردار ۾ پاڻ ملهايو آهي.
پر دِپيڪا اُهو وقت به ڏٺو آهي، جڏهن سندس فلمون نه پئي هليون ۽ هوءَ پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به هڪ خراب دور مان گذري رهي هئي.
شروع شروع ۾ ڪيئي فلمسازن سندس ڏکڻ ڀارتي لهجي سبب کيس پنهنجي فلمن ۾ ڪاسٽ ڪرڻ کان لنوائيندا هئا. ڪجهه فلمن کانسواءِ 2008 کان 2012 جي وچ واري عرصي ۾ دِپيڪا اهڙيون فلمون به ڪيون، جن کانپوءِ سندس فلمي چونڊ تي سوال اُٿڻ لڳا، پر پنهنجي محنت، لڳاءَ ۽ پيشيوراڻي رويي سان دِپيڪا شاندار واپسي ڪئي.
دِپيڪا سال 2017 ۾ هالي ووڊ فلم ”ٽرپل ايڪس: ريٽرن آف زينڊر ڪيج“ ۾ به ڪم ڪيو، پر ائين به ناهي ته اسٽار اميج هوندي به دِپيڪا ڪڏهن پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪيو هجي.
2015 ۾ دِپيڪا ان وقت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو جڏهن هن ٻڌايو ته هوءَ ڊپريشن جو شڪار رهي آهي ۽ ٿراپي ڪرائي رهي آهي.
2019 ۾ بي بي سي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ دِپيڪا چيو هو ته ” 2013 منهنجي فلمن جي حوالي سان هٽ سال رهيو، اهو منهنجي لاءِ سٺو پر نهايت مصروف سال هو، مون کي ياد آهي ته 15 فيبروري 2014 جي صبح جڏهن مان اٿيس ته مون کي هڪ عجيب احساس ٿي رهيو هو، مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مون سان ڇا ٿي رهيو آهي، مان بار بار روئڻ لڳس ۽ پاڻ کي تمام اڪيلو محسوس ڪندي هيس.“
سندس چوڻ هو ته ”مان پنهنجي وجود تي سوال اٿارڻ لڳس، مون کي خبر ئي نه هئي ته اهو اصل ۾ ڊپريشن آهي، مون دوائون نه ورتيون ڇو ته مون ٻڌو هو ته انهن ۾ نشو هوندو ۽ عادت پئجي ويندي آهي، مون کي ڊپريشن بابت ڪائي خبر نه هئي، ڊپريشن کي بدصورت چُٽو سمجهيو ويندو هو، مان اهو سڀ ڪجهه ڪنهن کي به نه ٻڌايو پر پوءِ مون سوچيو ته مون کي ان بابت کُلي ڳالهائڻ گهرجي.“
ان کانپوءِ دِپيڪا نه رڳو ڊپريشن بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو، پر 2015 ۾ ”ليو لو لاف“ نالي هڪ تنظيم پڻ قائم ڪئي ته جيئن ذهني صحت بابت آگاهي وڌائي وڃي ۽ ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي.
اڄ دِپيڪا پاڻ هڪ فلمساز آهي ۽ پنهنجي انٽرويوز ۾ ڪيترائي ڀيرا چئي چڪي آهي ته فلم جي سيٽ تي هر ڪنهن لاءِ ذهني صحت جو ماهر موجود هئڻ گهرجي ته جيئن ڪم ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ توازن برقرار رهي.
دِپيڪا انهن ٿورين اداڪارائن مان آهي، جيڪي پروڊڪشن ۾ به سرگرم آهن، سندس پروڊڪشن هائوس جو نالو ”ڪا پروڊڪشن“ آهي، جنهن جو مصري ٻوليءَ ۾ مطلب ”روح“ آهي.
هن پنهنجي پروڊڪشن هائوس هيٺ تيزاب حملي تي ٻڌل فلم ”ڇپاڪ“ ۽ ڀارت لاءِ پهريون ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم تي فلم ”83“ تيار ڪئي آهي.
سال 2017 ۾ هن پنهنجي ويجهي ساٿي اداڪار رنوير سنگهه سان رومانوي رشتي جي تصديق ڪئي، جن سان هوءِ آگسٽ 2012 کان لاڳاپن ۾ هئي، آڪٽوبر 2018 ۾ جوڙي پنهنجي شاديءَ جو اعلان ڪيو ۽ نومبر اٽلي جي ڪومو ڍنڍ تي شادي ڪئي، جوڙي کي هڪ نياڻي جو اولاد آهي، جنهن جو نالو” دُعا“ آهي.
هونئن دِپيڪا سياست ۾ سڌو ريت ڪڏهن به سرگرم ناهي رهي، پر 2020 ۾ جواهر لال نهرو يونيورسٽي جي تڪرار کانپوءِ جڏهن هوءَ شاگردن سان ملڻ وئي ته ڪيئي ماڻهن ان کي سياسي قدم قرار ڏنو.
ان موقعي تي دِپيڪا چيو هو ته ”مون کي اهو ڏسي ڏک ٿيو ته شاگردن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويو، اميد آهي ته اهو معمول نه بڻجندو، هي سڀ ڀوائتو آهي، اسان جي ملڪ جو بنياد اهڙي طرح نه رکيو ويو هو.“
هر وڏي شخصيت جيان دِپيڪا کي به تعريف سان گڏ تڪرارن کي منهن ڏسڻو پيو.
رنوير سنگهه سان شادي کانپوءِ جڏهن هن فلم ”ڇپاڪ“ تيار ڪئي ته هڪ صحافي کائنس سوال ڪيو ته ”فلم توهان پروڊيوَس ڪئي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته رنوير به پروڊيوسر بڻجي ويو ڇو ته گهر جو ئي پئسو آهي.“
جنهن تي دِپيڪا ترت وراڻيو هو ته ”سوري سر، هي منهنجو پئسو آهي.“
هيءُ ”منهنجو پئسو آهي“ چوڻ تائين وارو سفر ئي دِپيڪا جي ڪُل حاصل آهي، اهو سفر جيڪو ماڊلنگ ۽ ننڍن اشتهارن کان شروع ٿيو ۽ هوءَ اڄ پهرين بالي ووڊ اداڪارا آهي، جيڪا ”لوئي وٽون“ جهڙي عالمي برانڊ لاءِ ڪم ڪري چڪي آهي.
هوءَ ڪانز فلم فيسٽيول جي جيوري جو حصو به رهي آهي، ڀارت مان هينئر تائين رڳو ايشوريا راءِ، شيکر ڪپور، وديا بالن، ننديتا داس ۽ شرميلا ٽئگور ئي ڪانز جيوري جو حصو بڻيا آهن.
2018 ۾ هوءَ ”ٽائيم“ جي سڀ کان وڌيڪ اثرائتي شخصيتن جي فهرست ۾ شامل ٿي ۽ 2022 ۾ ”هنڊرڊ ٽائيم امپيڪٽ“ جي فهرست ۾ به جاءِ ٺاهي.
اهڙي طرح امپيڪٽ کان امپيڪٽ تائين جو سفر دِپيڪا ٿورن ئي سالن ۾ طئي ڪيو.
سندس اهو سفر سندس ڪردارن ۾ به واضح نظر اچي ٿو. جيئن ”پيڪو“ ۾ هوءَ هڪ اهڙي ڌيءَ آهي، جيڪا اڪيلي آهي، ڪنهن سان به رشتو نٿي جوڙڻ چاهي ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ رهي ٿي ته جيئن هو اڪيلو نه ٿي وڃي.
ان جو اثر ”ڇپاڪ“ جي ”مالتي“ ۾ به نظر اچي ٿو، جيڪا تيزاب حملي کانپوءِ ٽٽي وڃي ٿي.
ان فلم جي هڪ منظر ۾ هوءَ پنهنجو پراڻو سامان، ڪپڙا ۽ واليون اُڇلائڻ ٿي چاهي، جڏهن ماءُ کيس روڪي ٿي ته مالتي بي اختيار چوي ٿي ته ” نه نَڪُ آهي ۽ نه ڪَنَ، مان واليون ڪٿي پائينديس؟“
پر هوءَ زندگيءَ جو سفر ٻيهر شروع ڪري ٿي، ”مالتي“ جي مُک تي سور ۽ تڪليف چٽي نظر اچي ٿي، پر تنهن هوندي به هوءَ ڪڏهن به بيوس نظر نٿي اچي.
ڪيئي ورهيه اڳ اڳ جڏهن هن جي دل ٽٽي هئي، تڏهن هن چيو هو ته ” مان پنهنجي زندگيءَ جي هر سين ۾ هڪ اسٽار آهيان.“
اڄ ورهين پڄاڻان جڏهن کيس ڏسئون ٿا ته اها ڳالهه سئو سيڪڙو سَهي محسوس ٿئي ٿي.