نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)هندو انتهاپسندن جي دٻاءَ تي بنگلاديشي ڪرڪيٽر مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل مان ڪڍڻ تي ششي ٿرور ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) مٿان ڪڙڪي پيو.
بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي هندو انتهاپسندن جي ڌمڪين کان پوءِ بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي آءِ پي ايل فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز (ڪي ڪي آر) مان رليز ڪيو ويو هو.
ان فيصلي تي جتي بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ عالمي ڪرڪيٽ برادري طرفان بي سي سي آءِ جي مذمت ڪئي پئي وڃي، اتي ڪانگريس اڳواڻ ششي ٿرور به ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي ششي ٿرور چيو ته مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل مان ڪڍڻ وارو فيصلو بيوقوفاڻو آهي ۽ ڀارتي بورڊ کي اهڙو قدم نه کڻڻ گهرجي ها.
ٿرور چيو ته سياسي ناڪاميون لڪائڻ لاءِ راند جو استعمال نه ڪرڻ گهرجي، راند ۽ سياست کي هڪٻئي کان ڌار رکڻ لازمي آهي.
هن مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل مان ڪڍڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي معاملن کي هوا ڏيڻ واري پاليسي کي به پريشان ڪندڙ قرار ڏنو.
”مستفيض کي آءِ پي ايل مان ڪڍي بي سي سي آءِ احمقاڻو فيصلو ڪيو“، ششي ٿرور ڀارتي بورڊ تي ڪڙڪي پيو
You might also like