ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت نه موڪلڻ واري اعلان جي ٻئي ڏينهن ئي ملڪ ۾ آءِ پي ايل ميچن جي نشريات تي پابندي مڙهي ڇڏي.
بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي هندو انتها پسندن جي ڌمڪين کانپوءِ بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي آءِ پي ايل فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز (ڪي ڪي آر) مان رليز ڪيو ويو هو.
ان معاملي تي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ هنگامي اجلاس سڏايو ۽ حڪومت کي تجويز پيش ڪئي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ٽيم ڀارت نه موڪلي وڃي.
بورڊ جي درخواست تي بنگلاديش جي راندين بابت صلاحڪار گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته رانديگرن جي سيڪيورٽي سندن پهرين ترجيح آهي، ان ڪري ٽيم ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ڀارت نه ويندي.
ان کان پوءِ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ان حوالي سان آءِ سي سي کي باضابطا درخواست پڻ ڏني وئي ته بنگلاديش جون ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جون ميچون ڀارت بدران سريلنڪا منتقل ڪيون وڃن.
هاڻي تازي اڳڀرائي طور بنگلاديشي حڪومت ملڪ ۾ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ٽيليڪاسٽ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي ليگ تي پابندي اڻڄاتل مدي تائين لاڳو رهندي.
You might also like