ڪراڪس(عوامي آواز رپورٽ)وينزويلا ۾ آمريت خلاف جدوجهد ڪندڙ عورت اڳواڻ مريا ڪورينا ماچاڊو تي هن وقت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سخت تنقيد ڪري رهيو آهي.ٽرمپ جي دعويٰ آهي ته ”مريا ڪورينا ماچاڊو کي نه عوامي حمايت حاصل آهي ۽ نه ئي هوءَ ڪا معزز شخصيت سمجهي وڃي ٿي.“ بهرحال، ٽرمپ جي هن مخالفت جا ڪجهه ٻيا به سبب آهن.مريا ڪورينا ماچاڊو ان کان اڳ ايڊمنڊو گونزالز کي اقتدار سنڀالڻ جي اپيل ڪئي هئي. هن 2024ع جي صدارتي چونڊن ۾ گونزالز جي حمايت ڪئي، ۽ سندس پارٽي پاران جاري ڪيل نتيجن موجب گونزالز وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو.مريا ڪورينا کي گذريل سال نوبيل امن انعام پڻ مليو. هي الڳ ڳالهه آهي ته ٽرمپ پاڻ کي هن انعام جو وڌيڪحقدار سمجهندو رهيو آهي. پر ستم ظريفي اها آهي ته ڪورينا ماچاڊو هن انعام کي وينزويلا جي عوام سان گڏ صدر ٽرمپ جي نالي به منسوب ڪيو.