حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ مولابخش چانڊيو چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي حالتون سٺيون ناهن،ملڪ ۾ بحران معاشي نه پر سياسي آھي. سياسي پارٽين کي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گھرجن. مخالف ڌر کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه نون چونڊيل حيدرآباد پريس ڪلب جي عهديدارنکي مبارڪ ڏيڻ دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مولابخش چانڊيو چيو ته صرف صدر آصف علي زرداري ئي ملڪ جو بحران حل ڪري سگھي ٿو. ھو مفاھمت جو بادشاھ آھي. سياسي پارٽين کي ان سان لھ وچڙ ۾ اچڻ گھرجي. آصف علي زرداري جهڙو قابل اڳواڻ سندن اندر موجود آھي پر ھو ڪا واضع حڪمت عملي جوڙڻ کان قاصر آھن. پي ٽي آئي کي به ڳالھين جو رستو اختيار ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته ملڪ کي سياسي توڙي معاشي بحران مان پيپلز پارٽي ئي ڪڍي سگهي ٿي. پيپلز پارٽي سان ويهي ملڪ کي بهتري طرف وٺي وڃڻو پوندو.