ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ۽ ماڊل عاليا علي بولڊ گانو فلمائڻ تي وضاحت ڏني آهي، جنهن کانپوءِ مٿس تنقيد ڪئي پئي وڃي.
عاليا علي پنهنجي فلم ”آئٽم“ جي مشهوري لاءِ هڪ شو ۾ شريڪ ٿي، جتي هن بولڊ منظرن جي شوٽنگ بابت کليل نموني ڳالهايو.
هن چيو ته مان ڪڏهن به بولڊ سين يا لباس تي اعتراض نه ڪيو، ڇو ته ان جي پويان هڪ ڪارڻ هو، جڏهن به مان بولڊ لباس سان سيٽ تي ايندي هيس ته پروڊيوسر هما شيخ مائيڪ تي اعلان ڪندي هئي ته عاليا اچي رهي آهي، سڀ پنهنجو مُنهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن پروڊيوسر عورت نه هجي ها ته شايد مون کي وڌيڪ بيچيني محسوس ٿئي ها.
سندس موجب مان اڳ به کيس ٻڌائي ڇڏيو هو ته مون کي بولڊ لباس پائي عجيب لڳندو آهي، تنهن ڪري هوءَ مرد عملي جي موجودگي ۾ ان ڳالهه جو خيال رکندي هئي.
اداڪارا جي ان وضاحت تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل سامهون آيو آهي ۽ واهپيدار مٿس تنقيد ڪري رهيا آهن.
هڪ واهپيدار لکيو ته سڄي دنيا جي مردن کي ڏيکارڻ ۾ مسئلو ناهي پر سيٽ تي موجود ماڻهن کان مسئلو آهي.
ٻئي لکيو ته اهو ڪهڙو ڊرامو آهي؟ سڄي دنيا ڏسي ته ٺيڪ باقي عملو ڏسي ته مسئلو؟
You might also like