نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو کي نيو يارڪ جي هڪ جيل منتقل ڪيو ويو آهي.
نڪولس مادورو ۽ سندس گهرواري کي ڇنڇر ڏينهن وينزويلا ۾ آمريڪي فوجي آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويو هو.
نيو يارڪ ۾ نڪولس مادورو تي منشيات جي سمگلنگ ۽ هٿيار رکڻ بابت الزام لاڳو آهن.
وائيٽ هائوس طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته آمريڪي ڊرگ انفورسمينٽ ايڊمنسٽريشن (ڊي اي اي) جا اهلڪار نڪولس مادورو کي هٿڪڙيون هڻي نيو يارڪ جي علائقي مين هيٽن ۾ ڊي اي اي جي هڪ عمارت جي اندر وٺي وڃي رهيا آهن.
وڊيو ۾ 63 ورهين جو نڪولس مادورو انگريزي ۾ چئي ٿو ته ”گڊ نائيٽ، هيپي نيو ايئر“.
You might also like