ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اعلانيل اسڪواڊ ۾ نوجوان ۽ تجربي ڪار رانديگرن کي به رکيو ويو آهي ته جيئن ٽيم عالمي سطح تي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي.
بنگلاديشي ٽيم جي قيادت لٽن داس حوالي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سيف حسن کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
جاڪر علي کي خراب ڪارڪردگي سبب ڊراپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فاسٽ بالر تسڪين احمد جي واپسي ٿي آهي.
بنگلاديشي اسڪواڊ ۾ لٽن داس (ڪپتان)، سيف حسن (نائب ڪپتان)، تنزيد حسن، پرويز حسين ايمان، توحيد هردوئي، شميم حسين، قاضي نور الحسن، مهدي حسن، رشاد حسين، نسيم احمد، مستفيض الرحمان، تنزيم حسن، تسڪين احمد، سيف الدين ۽ شريف الاسلام شامل آهن.
You might also like