سنڌ ۾ 15 سالن کان هڪ ئي حڪومت آهي پوءِ مسئلا حل ڇو نه ٿي سگهيا؟ شاهد خاقان عباسي

دڙو( منٺار ٺاراڻي)دڙي ۾ عوام پاڪستان پارٽي جي ڪنوينر ۽ پاڪستان جو اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي شادي هال جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي گڏ ٿيل عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده  حڪمرانن کي اقتدا پسند آهي پر عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن سان ڪا به  دلچسپي ناهي پنهنجا معاملا ته بهتر ڪري سگهن ٿا پر ملڪ جا معاملا بهتر ڪري نٿا سگهن ملڪ جو موجوده نظام مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو آهي ان ڪري نظام کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي،هن چيو ته  جيڪا رقم 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن کي ملي اها جيڪڏهن صوبن تي خرچ ڪئي وڃي ها تڏهن به حالت بهتر هجي ها هن چيو ته  اسان جي ملڪ جي اها حالت آهي ته نه  معيشيت هلي رهي آهي نه رياست ۽ نه ئي وري سياست هلي رهي آهي انهن کي بدلڻ جي ضرورت آهي ، سنڌ ۾ 15 سالن کان هڪ ئي حڪومت هلي رهي آهي سنڌ جا معاملا حل ٿيڻ گهرجن ها پر ڇو حل ٿي نه سگهيا اها وڏي ناڪامي آهي ان موقعي تي تقريب کي ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت کي هر سال وفاق کان 35 سئو ارب رپيا ملن ٿا پر پيسا ڪيڏانهن وڃن پيا سنڌ جي عوام تي ڇو نٿا خرچ ٿين سنڌ جي حالت انتهائي خراب آهي نه  اسڪول آهن، نه اسپتالون آهن، نه پيئڻ جو پاڻي آهي ۽ نه ئي روڊ رستا آهن پنجاب حڪومت عوام کي مفت دوائون ڏئي سگهي ٿي ته سنڌ حڪومت وٽ ته تمام گهڻو پئسو آهي اها مفت دوائون ڇو نٿي ڏئي سگهي اها روڊ رستا ڇو نٿي تعمير ڪري سگهي اسان ڪنهن به حڪومت کي هٽائڻ نٿا چاهيون پر سنڌ ۾ ضرور تبديلي ايندي هن چيو ته پنجاب ۾ موٽر وي ٺهيل آهن جنھن سان سفر ۾ آساني ٿي رهي آهي پر سنڌ جا روڊ رستا تباھ لڳا پيا آهن منٽن جي سفر کي ڪلاڪ لڳيو وڃن تقريب کي عوام پاڪستان سنڌ جي ڪنوينر سردار انور سومرو، اقبال سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.