مان پنهنجو مڙس ڪنهن کي نه ڏينديس: ثناءَ جاويد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ادڪارا ۽ ماڊل ثناءَ جاويد طرفان انسٽاگرام تي ڪيل تازو تبصرو سوشل ميڊيا واهپيدارن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو.
اداڪارا ويجهڙ ۾ سوشل ميڊيا تي پنهنجي مڙس ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ بابت هڪ بيان ڏنو ته جيڪو کيس ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، واهپيدارن جي وڏي انگ کيس تنقيد جو نشانو بڻايو.
انسٽاگرام تي ثناءَ جاويد پنهنجي دبئيءَ جي دوري دوران ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون، جنهن ۾ کيس هڪ ڪيفي ۾ نيرن ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
سندس انسٽا پوسٽ تي تبصرو ڪندي هڪ واهپيدار لکيو ته ” مون اِهو فوٽو گرافر کپي“، جنهن جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته ” مان پنهنجو مڙس ڪنهن نٿي ڏئي سگهان.“
پر مڙس بابت ثناءَ جاويد جو ردعمل سوشل ميڊيا واهپيدارن کي چيڙائي ڇڏيو، جن اداڪارا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو، واهپيدارن سندس ردعمل کي اڻوڻندڙ قرار ڏيندي مختلف تبصرا ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.